راشد مورائي

راشد مورائي

راشد مورائي

راشد مورائي: سنڌ جي ناليواري مزاحمتي ۽ قومي شاعر، راشد مورائيءَ جو پورو نالو سيد راشد علي شاهه ولد سعيد علي شاهه ’خادم‘ آهي. سندس جنم 5 مارچ 1944ع تي جوڻالوءِ تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. 8 نومبر 1962ع تي تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو، ورنيڪيولر ٽيچرس ٽريننگ 66-1965ع ۾ ۽ ايس. وي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ مان 71-1970ع ۾ ڪيائين. ايـم. اي (ســنڌي ادب) 1988ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان ڪيائين. راشد مورائي 1957ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شروع ۾ شاعريءَ متعلق پنهنجي والد کان ڄاڻ حاصل ڪيائين، ۽ ان دوران ئي حافظ محمد بخش خاصخيليءَ کان علم عروض جي ٽن خاص بحرن جي ڄاڻ ورتائين. راشد مورائي شروعات ۾ مذهبي شاعري ڪندو هو. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ليڪن غزل تمام خوبصورت لکي ٿو. راشد مورائي نظم جي حوالي سان به مشهور شاعر آهي. اسٽيج تي نظم پڙهڻ جو کيس مؤثر ڏانءُ آهي. راشد مورائيءَ جي مشهور نظمن ۾: ’ضمير چهنڊڙيون هنيون‘، ’مون کي ياد ڪندو ڪر‘، ’آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان‘، ’مان باغي آهيان‘، ’پڄرندو آهي منهنجو من‘ ۽ ’مان به هڪڙو ماستر آهيان‘ عوام ۾ ڏاڍا مقبول آهن. راشد مورائيءَ 1966ع کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪئي، جيڪا اڄ تائين مسلسل لکندو اچي، جيڪا سنڌ جي زنده تاريخ آهي. راشد مورائي، شهيد عبدالرزاق اڪيڊميءَ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي، جنهن پاران چار ڪتاب شايع ٿيا ۽ هو مشهور ’باک‘ رسالي جو ٻانهن ٻيلي پڻ به رهيو، جنهن جا ڇهه شمارا نڪتا. العباس انجمن جوڻالوءِ جو جنرل سيڪريٽري، آئينه ادب موري جو نائب صدر، تعليمي ڪميٽي موري جو سيڪريٽري، اداره بهارِ ادب امام آباد جو نائب صدر، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سکر ڊويزن جو چيئرمئن، ضلعي نوشهري ۽ تعلقي موري جو صدر، پ. ٽ. الف جي مرڪزي آئين ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ موري شاخ جو ڪيترا سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي. راشد مورائيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ’سنڌڙيءَ جو سوداءُ‘ (شاعري: 1970ع)، ’ميـنديءَ سـندا کيـت‘ (شـاعري، پهريون ڇاپو: 1985ع، ٻيو: 2004ع)، ’دل جـو شهـر‘ (شــاعري، پهريون ڇـاپو: 1993ع، ٻيو ڇاپو: 2005ع)، ’شعلا شعلا واءُ ۾‘ (2005ع)، ’ديوان راشد‘ (2005ع)، ’ڪافيون، گيت، غزل‘ (2008ع)، ’دل جي دلجوئي‘ (شاعري: 2011ع)، ’ڏات جي ڏيهه ۾‘ (مختلف ليکڪن جا راشد تي لکيل مضمون: 2009ع)، ’امنگ جي'>اڳتي تاڻ امنگ جي‘ (مضمون، خاڪا: 2006ع)، ڪهـاڻين جـو ڪـتاب ’پـاڻيءَ تي پهرو‘ (2006ع)، ’راشد سان رهاڻ‘ (انٽرويو: 2009ع)، ’خط خوشيءَ مان کول‘ (خطن جو مجموعو: 2011ع) شامل آهن، جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ’جھڙي آيس جيئن‘ (آتم ڪٿا)، ’جيڪي ڏنائون‘ (خطن جو مجموعو)، خاڪن جو مجموعو، ڪهاڻين جو مجموعو ’پيڙا جي پروڙ‘ ۽ مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو ’موري تعلقي جا اديب ۽ شاعر‘ شامل آهن. راشد مورائيءَ جي شاعري ريڊيو، ٽي. ويءَ تان وقت بوقت نشر ٿيندي رهي آهي. سندس ڪلام قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ ’دل جي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا‘، ’آ پهچ سگهو دلدار‘ ۽ ’مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي‘ بيحد مقبول ٿيا. ان کان سواءِ جلال چانڊيي، مارئي سنڌو سميت سنڌ جي ناليوارن فنڪارن سندس شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. راشد مورائي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. راشد مورائيءَ کي مارئي اڪيڊمي اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران قاضي عبدالحي قائل اوارڊ، شاهه عبداللطيف آرٽ سرڪل طرفان ادبي اوارڊ، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن ضلعي نوشهري فيروز پاران اوارڊ، بيورو آف ڪريڪيولم طرفان اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن. راشد مورائي سنڌ جو عوامي، قومي ۽ باغي شاعر آهي. هن قومي تحريڪ کي پنهنجي عمل ۽ شاعريءَ ذريعي وڏي هٿي ڏني ۽ اسٽيج جو استاد بخاريءَ وانگر راڻو رهيو آهي. سندس ڪيترائي شاگرد آهن، جن ۾ خاڪي جويي ۽ تاج جويي جا نالا نمايان آهن. راشد مورائي 24 مارچ 2014ع تي وفات ڪئي.


لفظ راشد مورائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.03.05  عيسوي

سنڌ جي ناليواري مزاحمتي ۽ قومي شاعر، راشد مورائيءَ جو پورو نالو سيد راشد علي شاهه ولد سعيد علي شاهه ’خادم‘ آهي. سندس جنم 5 مارچ 1944ع تي جوڻالوءِ تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.


1962.11.08  عيسوي

راشد مورائي 8 نومبر 1962ع تي تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو


2014.03.24  عيسوي

راشد مورائي 24 مارچ 2014ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم عطا ٺٽوي
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ٽي ايل واسواڻي
خليفو محمود نظاماڻي
عبدالله خواب حيدرآبادي
ابو شوڪت حمزو
عبدالرحيم گرهوڙي شهيد
پريم پرڪاش ڊاڪٽر
اشرف پلي
ايم ڪمل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون